بحر (شاعري)

بَحرَ: علم عروض جا مقرر ڪيل پيمانا، جن جي وزن ۾ شعر چئي سگهجي. عروض جا مروج بحر خليل بن احمد عروضيءَ (وفات 175هه/791ع) جا ايجاد ڪيل آهن. ڪن استاد شاعرن بعد ۾ نوانa بحر به ايجاد ڪيا آهن. غزلن، قصيدن ۽ قطعن لاءِ 19 بحر، مثنويءَ لاءِ 9 بحر رائج آهن، جڏهن ته هاڻي غزل، عروضي وزنن کان سواءِ ڇند تي به لکيو وڃي ٿو. عام مشهور اوڻيهه بحر آهن: ’بحر طويل‘، ’بحر مزيد‘، ’بحر بسيط‘، ’بحر ڪامل‘، ’بحر وافر‘، ’بحر هزج‘، ’بحر رجز‘، ’بحر رمل‘، ’بحر مُنسوح‘، ’بحر مضارع‘، ’بحر مقتضب‘، ’بحر مُجتث‘، ’بحر سريعُ‘، ’بحر جديد‘، ’بحر قريب‘، ’بحر خفيف‘، ’بهر مشاڪِلُ‘، ’بحر متقارب‘ ۽ ’بحر متدارڪ‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0175.00.00  هجري

بَحرَ: علم عروض جا مقرر ڪيل پيمانا ، جن جي وزن ۾ شعر چئي سگهجي . عروض جا مروج بحر خليل بن احمد عروضيءَ ( وفات 175هه/791ع ) جا ايجاد ڪيل آهن .


0791.00.00  عيسوي

بَحرَ: علم عروض جا مقرر ڪيل پيمانا ، جن جي وزن ۾ شعر چئي سگهجي . عروض جا مروج بحر خليل بن احمد عروضيءَ ( وفات 175هه/791ع ) جا ايجاد ڪيل آهن .



ادب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوپيرا
شاهه لطيف تي ٿيل پي ايڇ ڊي ٿيسز
اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري
چرمي 2
تشيب
توارد
بلوچي شعري ادب
سنڌي ناول
شاهه جي لغت سرن جي شرح سمجهاڻي ۽ ڏسڻيون
روسي ادب
ادب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون